15

عمران خان جنيد اڪبر کي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين شپ ڇڏڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

پي ٽي آءِ باني چيئرمين عمران خان قومي اسيمبلي جي ميمبر جنيد اڪبر کي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي(پي اي سي) جي چيئرمين شپ ڇڏڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. ذريعن موجب عليمه خان پي اي سي جي چيئرمين شپ بابت پي ٽي آءِ باني عمران خان جو پيغام پارٽي قيادت تائين پهچائي ڇڏيو آهي. ذريعن ٻڌايو آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان جنيد اڪبر کي پي اي سي جي چيئرمين شپ ڇڏڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته عليمه خان پي ٽي آءِ باني جو لکت وارو حڪم پارٽي چيئرمين بيرسٽر گوهر ۽ سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا کي پهچائي ڇڏيو آهي. ذريعن موجب پي ٽي آءِ باني عمران خان هدايت ڪئي آهي ته جنيد اڪبر پارٽي عهدي تي مڪمل ڌيان ڏئي. ذريعن ٻڌايو آهي ته جنيد اڪبر جي جڳهه عمر ايوب کي پي اي سي جو  چيئرمين بنائڻ جو امڪان آهي. انهي حوالي سان جنيد اڪبر چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان جڏهن چوندو پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين شپ ڇڏي ڏيندس. ٻئي طرف پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا چيو آهي ته اهو پارٽي جو اندروني معاملو آهي، في الحال انهي معاملي تي ڪوبه موقف نٿو ڏيڻ چاهيان.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو