23

ڳالهين دوران پاڻي جو مسئلو حل نه ٿيو ته پاڪ ڀارت جنگبندي خطري ۾ پئجي سگهي ٿي: اسحاق ڊار

پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته جيڪڏهن ڳالهين ۾ پاڻي جو مسئلو حل نه ٿيو ته ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ جنگبندي خطري ۾ پئجي سگهي ٿي. آمريڪي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي اسحاق ڊار چيو آهي ته جيڪڏهن پاڻي جو مسئلو حل نه ٿيو ته اهو جنگي قدمن جي برابر هوندو. هن ڪشمير کي علاقائي عدم استحڪام جي جڙ قرار ڏيندي خطي جي لاءِ مستقبل ۾ حق خود اراديت جو مطالبو ڪيو. اسحاق ڊار چيو ته گذريل هفتي جاري جنگ جي دوران ڇڪتاڻ ۾ اضافي جي باوجود پاڪستان ڀارت تي ايٽمي هٿيارن جي استعمال تي غور نه ڪيو. ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڇنڇر تي جنگبندي معاهدي کان پوءِ پنهنجي پهرين انٽرويو ۾ اسحاق ڊار چيو ته 7 مئي جي ڀارتي حملي کان پوءِ پاڪستان وٽ پنهنجي دفاع ۾ جوابي ڪارروائي کان علاوه ٻيو ڪوبه حل نه هو. نائب وزيراعظم ڀارت جي حملي کي جنگ ۽ ڪشمير ۾ پنهنجي بالادستي قائم ڪرڻ جي هڪ خيالي ڪوشش قرار ڏنو پر اهو به واضح ڪيو ته پاڪستان طرفان ايٽمي هٿيارن جو استعمال غور هيٺ نه هو. هن چيو ته اهڙا لمحا ايندا آهن جڏهن اوهان کي تمام گهڻا سنجيده فيصلا ڪرڻا پوندا آهن. اسان کي ڀروسو هو ته اسان جي روايتي جنگ صلاحيت ۽ طاقت ايتري آهي ته اسان انهي کي فضا ۽ زمين ٻنهي محاذن تي شڪست ڏئي سگهون ٿا. پرڏيهي وزير ٻڌايو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڊگهيون ڳالهيون اڃان مڪمل ناهن ٿيون، اسان اميد ڪريون ٿا ته هنن کي عقل اچي ويندي. غير امڪاني معاهدي بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ اسحاق ڊار چيو ته اهو ٻنهي ڌرين جي مفاد ۾ آهي ته اهڙن معاملن کي وڌيڪ دير جو شڪار نه ٿيڻ ڏنو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته ڀارتين ڏسي ورتو ته فضا ۾ ڇا ٿيو. اهي چڱي ريت سمجهي ويا آهن ته ڪيترو نقصان ٿي سگهي ٿو. پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ٻڌايو ته ڀارت ۽ پاڪستان جي اختيارين ۾ ڪوبه سڌو سنئون رابطو نه ٿيو آهي ڀارت جنگ روڪرائڻ جي لاءِ تيار آهي. هن چيو ته پاڪستان هڪ اهڙي رستي جي اميد رکي ٿو جيڪو ڊگهي مدي، امن ۽ سلامتي کي يقيني بنائي ۽ ڏرين جي لاءِ باوقار هجي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو