وزيراعظم شهباز شريف ۽ آذربائيجان جي صدر عليوف وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو ٿيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف آذربائيجان طرفان مضٻوط يڪجهتي ۽ حمايت تي صدر عليوف جو ٿورو ادا ڪيو. وزيراعظم چيو ته هڪ دفعو ٻيهر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پائيدار ۽ پراڻي دوستي جو اظهار ڪيو ويو آهي. پاڪستان ۽ آذربائيجان هميشه سچن ڀائرن جيان گڏ بيٺل رهيا آهن. شهباز شريف چيو ته پاڪستان علاقائي امن لاءِ ڀارت سان جنگبندي مفاهمت تي اتفاق ڪيو، پاڪستان علاقائي امن لاءِ ڀارت سان جنگبندي برقرار رکڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم آذربائيجان جي صدر عليوف کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني. آذربائيجان جي صدر پاڪستان ۾ 2 ارب ڊالر سرمائيڪاري تي اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو.
