وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءُالله چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) سميت ٻيون پارٽيون جڏهن چاهين اسان ڳالهين لاءِ تيار آهيون. وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءُالله ڳالهيون ڪندي چيو ته ڀارت حملو ڪيو ته اسان ڀرپور دفاع ڪيو، پاڪستان کي هاڻ ڪنهن به قسم جو خطرو نه آهي. ڀارت طرفان گوريلا ويڙهه جو استعمال ڪيو پيو وڃي. انهي گوريلا ويڙهه ۾ ويراني ۾ بس تي حملو ۽ ٽرينن کي نشانو بنائڻ شامل آهي. هن چيو ته ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگردي جي ڪارروائين ۾ ملوث آهي، بلوچستان ۾ ڀارتي دهشتگردي جا ثبوت به آهن. ڀارت دهشتگردن کي تربيت ڏئي خيبرپختونخواهه اماڻيندو آهي جڏهن ته ڀارت دهشتگردن جي مالي مدد ۽ انهن جي تربيت ڪندو آهي. راڻا ثناءُءَالله چيو آهي ته پاڪستان ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪارروايون جاري آهن انهن ڪاررواين جي دوران وڏي انگ ۾ دهشتگردن کي شڪست ڏني پئي وڃي، دهشتگردن جي خاتمي تائين جنگ جاري رهندي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا موثر انداز ۾ آپريشن ڪري رهيا آهن. ملڪي سياسي معاملن تي هن چيو ته جمهوري معاشري ۾ سياسي پارٽيون معاملا هلائي رهيون آهن، سياسي پارٽين جي وچ ۾ اتفاق ۽ اختلاف جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن. پي ٽي آءِ يا ٻيون پارٽيون جڏهن چاهين اسان ڳالهين لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته ڀارت پاڪستان تي حملو ڪيو ته قوم قومي يڪجهتي جو مظاهرو ڪيو. وزيراعظم اڳ به سياسي پارٽين سان ڳالهين جو چئي چڪو آهي. هن وقت به ملڪي مفاد لاءِ پي ٽي آءِ سميت سمورين پارٽين سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون.
