32

عمران خان وزيراعظم شهباز شريف جي ڳالهين واري آڇ قبول ڪري ورتي

 هڪ اهم سياسي اڳڀرائي سامهون اچي وئي آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) جي باني  عمران خان وزيراعظم شهباز شريف جي تازي آڇ کان پوءِ حڪومت سان ڳالهين جو راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. ڀروسي  جوڳن ذريعن موجب عمران خان سومر جي ڏينهن اڊيالا جيل ۾ ملاقات لاءِ آيل پارٽي چيئرمين بيرسٽر گوهر علي خان کي ڳالهين جي اجازت ڏني پر اڳوڻي وزيراعظم انهي ڳالهه تي زور ڏنو ته اهي ڳالهيون ٽي وي، ڪيمرائن کان پري هونديون ته جيئن انهن جي بامعنيٰ نتيجن کي يقيني بنائي سگهجي. پي ٽي آءِ جي اندروني ذريعن جو چوڻ آهي ته پارٽي هاڻ باضابطه طور تي حڪومت سان ڳالهيون اڳيان وڌائڻ لاءِ رابطو ڪندي. پارٽي جو خيال آهي ته ماضي ۾ ڳالهين لاءِ ٿيل ڪوششون ميڊيا جي اسڪروٽني سبب ناڪام ٿيون. انهي ڪري هن ڀيري وڌيڪ محتاط ۽ ڌيان سان ڳالهين جي ضرورت آهي. نجي چينل طرفان رابطي دوران پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر علي خان انهي ڳالهه جي تصديق ڪئي ته هن وزيراعظم شهباز جي آڇ عمران خان  تائين پهچائي ڇڏي آهي پر هن ڳالهين جا تفصيل يا عمران خان طرفان ڏنل هدايتن موجب ڳالهين جي حوالي سان ڪجهه به ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. هن چيو ته مان اهو نٿو ٻڌائي سگهان ته اسان جي وچ ۾ ڪهڙيون ڳالهيون ٿيون آهن. ياد رهي ته اها اڳڀرائي وزيراعظم شهباز شريف جي قومي اسيمبلي جي تازي خطاب کان پوءِ سامهون آئي آهي، خطاب دوران وزيراعظم پي ٽي آءِ کي قومي ڳالهين ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني. انهي وقت بيرسٽر گوهر علي خان تجويزن جي آجيان ڪئي هئي اتي ئي پارٽي حلقن واضح ڪري ڇڏيو هو ته عمران خان جي واضح رضامندي کان سواءِ ڪابه اڳڀرائي نٿي ٿي سگهي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو