سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار چيو آهي ته اڄوڪو ڏينهن قوم ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير لاءِ فخر جو ڏينهن آهي، جنهن جي قيادت ۾ پاڪ فوج دشمن کي ڀرپور جواب ڏئي ملڪ جي سالميت جو تحفظ ڪيو. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران خطاب ڪندي ضياءَ الحسن لنجار چيو ته شهيد بينظير ڀٽو تي فخر آهي، جنهن ملڪ کي ميزائل ٽيڪنالاجي فراهم ڪري قومي دفاع کي مضبوط بڻايو. هن وڌيڪ چيو ته ڀارتي اڳرائيءَ جي باوجود پاڪستان صبر، هوشياري ۽ برداشت جو مظاهرو ڪيو، جڏهن ته پاڪ فوج ۽ پاڪ فضائيه دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏئي جنگبنديءَ تي مجبور ڪري ڇڏيو. صوبائي گهرو وزير جو چوڻ هو ته پاڪ فوج سرحدن جي حفاظت ۽ قومي سلامتي جو فرض ادا ڪري رهي آهي، ڀارت کي واضح پيغام ڏنو ويو آهي ته پاڪستان جي امن پسندي کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي.
