وزيراعظم شهباز شريف برطانوي پرڏيهي وزير ڊيول ليمي سان ملاقات دوران جنگبندي قائم رکڻ لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ٻيهر اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته ڀارت جي بي بنياد الزامن ۽ جارحيت جي آڏو پاڪستان صبر ۽ بردباري جو مظاهرو ڪيو، ۽ دفاع جي حق جي استعمال ۾ پاڪستان جو ردعمل مناسب ۽ هدف تي ٻڌل هو. ان موقعي تي هن علائقائي خودمختياري، ملڪ جي سالميت جي تحفظ ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ امن لاءِ پاڪستان جي مضبوط عزم جو به ٻيهر اظهار ڪيو. وزيراعظم بادشاهه چارلس ٽئين ۽ برطانوي وزيراعظم ڪير اسٽارمر لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو ۽ پاڪستان-برطانيا لاڳاپن تي دل جي گهراين سان اطمينان ظاهر ڪيو. برطانوي پرڏيهي وزير سان ملاقات دوران وزيراعظم سڀني شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. برطانوي پرڏيهي وزير ڊيول ليمي جنگبندي لاءِ مفاهمت تي وزيراعظم شهباز شريف کي واڌايون ڏنيون.
