بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته پاڪستان جن طالبان لاءِ آمريڪا ۽ اولهه ملڪن جا الزام برداشت ڪيا، اڄ اهي ئي طالبان ڀارت ۽ اسرائيل سان گڏ بيٺا آهن. پنهنجي بيان ۾ خواجه آصف چيو ته اهو مان نه پيو چوان، اهو پراوين ساهني چئي رهيو آهي، جيڪو ڀارتي ميڊيا جو آواز آهي. سندس چوڻ هو ته سينئر ڀارتي صحافي ۽ دفاعي تجزئي نگار چيو ته پاڪستان خلاف آپريشن سندور تي سڄي دنيا ۾ رڳو اسرائيل ۽ افغانستان ڀارت جي حمايت ڪئي.
