7

ڀارتي اڳرائي کي دنيا ۾ وائکو ڪرڻ لاءِ بلاول ڀٽو جي سربراهي ۾ خاص ڪاميٽي قائم

وزيراعظم شهباز شريف ڀارتي جارحيت کي عالمي برادري سامهون اجاڳر ڪرڻ لاءِ بلاول ڀٽو زرداري جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي ڇڏي. وزيراعظم شهباز شريف ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو. ذريعن موجب بلاول ڀٽو زرداري تازي پاڪ _ ڀارت ڇڪتاڻ کي ڏسندي وفد سان گڏ يورپ جو دورو ڪندو ۽ عالمي برادري کي ڀارتي جارحيت کان آگاهه ڪندو. بلاول ڀٽو زرداري جي سربراهي ۾ قائم ڪيل ڪميٽي ۾ خرم دستگير، حنا رباني کهر ۽ جليل عباسي جيلاني، شيري رحمان شامل آهن. وزيراعظم آفيس موجب، بلاول ڀٽو جي اڳواڻي ۾ وفد لنڊن، واشنگٽن، پيرس ۽ برسلز جو سفر ڪندو. وفد خطي ۾ ڀارت جي پروپيگنڊا ۽ علائقائي امن کي تباهه ڪرڻ جي ڪوششن کي بي نقاب ڪندو. وفد خطي ۾ امن برقرار رکڻ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي اجاگر ڪندو.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو