10

عمران خان جو پولي گراف ٽيسٽ ڪرائڻ کان انڪار.!

پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني عمران خان جاچ ٽيم جي سامهون پولي گراف ٽيسٽ ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ڊي ايس پي آصف جاويد جي اڳواڻي ۾ لاهور پوليس جي ٽيم پي ٽي آءِ جي باني کان پڇا ڳاڇا ڪرڻ لاءِ اڊيالا جيل پهتي. جاچ ٽيم ۾ انسپيڪٽر محمد اسلم، انسپيڪٽر محمد عالم ۽ انسپيڪٽر محمد ارحم شامل آهن، جڏهن ته پنجاب فارنسڪ يونٽ جو عابد ايوب پڻ جاچ ٽيم جو حصو آهي. جيل ذريعن جو چوڻ آهي ته جاچ ٽيم 9 مئي جي ڪيسن ۾ پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جو پولي گراف ٽيسٽ ڪرائيندي، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي باني پولي گراف ٽيسٽ ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. جيل جو عملو پي ٽي آءِ جي باني کي سيل ۾ سڏڻ لاءِ ويو، پر هو نه آيو ۽ پنهنجي وڪيلن جي غير موجودگي ۾ ٽيسٽ ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو