43

ڀارت پاڻي کي هٿيار جي طور تي استعمال ڪري رهيو آهي، ايٽمي ملڪن ۾ جنگ ٿي ته نتيجا پاڪستان تائين محدود نه رهندا: بلاول ڀٽو

 پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ وزيراعظم طرفان ڀارتي پروپيگنڊا جي جواب ۾ عالمي سفارتي مهم جي لاءِ قائم ڪيل ڪميٽي جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڀارت پاڻي کي هٿيار جي طور تي استعمال ڪري رهيو آهي، ايٽمي ملڪن جي وچ ۾ جنگ ٿي ته نتيجا صرف پاڪستان تائين محدود نه رهندا. اسلام آباد ۾ پرڏيهي وزارت کان بريفنگ وٺڻ کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته دهشتگردي مان پاڪستان سڀني کان وڌيڪ متاثر ٿيو، دهشتگردي کان خطي کي پاڪ ڪرڻ جو ڪو حل ڪڍڻ گهرجي. هن چيو ته ڀارت پاڻي کي هٿيار جي طور تي استعمال ڪري رهيو آهي، پاڻي جي مسئلي تي ايندڙ نسلون جنگ وڙهنديون ته اهو افسوسناڪ آهي. ايٽمي ملڪن جي وچ م جنگ ٿي ته انهي جا نتيجا صرف پاڪستان تائين محدود نه رهندا. هن چيو ته پاڪستان جو پيغام امن جو پيغام آهي انهي کي سموري دنيا ۾ پهچائي رهيا آهيون، مودي ڪوڙا الزام لڳايا. وزيراعظم شهباز شريف اڻڌري جاچ جو مطالبو ڪيو. ڀارت جو موقف ڪمزور آهي. سفارتي ڪميٽي جي سربراهه چيو ته ڀارت سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي. پاڻي جي مسئلي جو حل ڪڍڻ جي ضرورت آهي. ايندڙ نسلن جي ذميواري آهي ته نئين مستقبل جي لاءِ  جدوجهد ڪن. پ پ چيئرمين خضدار ۾ اسڪول بس تي ٿيل آپگهاتي حملي کي رياست جي خلاف بزدلاڻي ڪارروائي قرار ڏنو. هن چيو ته معصوم ٻارن کي دهشتگردي جو نشناو بنائڻ سفاڪيت جي انتها آهي. انهي قسم جا حملا پاڪستاني قوم جي ارادن کي ڪمزور نٿا ڪري سگهن. هن وڌيڪ چيو ته مون کي يقين آهي ته خضدار حملي ۾ ملوث ماڻهو جلد پنهنجي آخري انجام تائين پهچندا. هن متاثر خاندانن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته زخمي شاگردن جي علاج کي يقيني بنايو وڃي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو