نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته خضدار حملو برداشت ڪرڻ جوڳو ناهي، ڀارت کي شڪست مان سبق حاصل ڪرڻ گهرجي. سينيٽ اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي اسحاق ڊار چيو ته ڀارت کي پنهنجي شڪست مان سبق سکڻ گهرجي، دهشتگردي جي مسئلي تي ويهي لائحه عمل طئي ڪرڻو پوندو. هن چيو ته اي پي ايس واقعي ۾ به اسان نه وسارڻ جوڳا منظر ڏٺا. اسان هاڻ ڪنهن به راند جو حصو بنجڻ نٿا چاهيون. ماضي ۾ اسان بارڊر کولي 40 هزار ماڻهن کي اچڻ ڏنو. هتي دهشتگردن کي آڻي ترسايو ويو. هن چيو ته چين جي دوري دوران دهشتگردي جو معاملو بحث هيٺ آيو، پاڪستان سميت سموري خطي مان دهشتگردي جو خاتمو ضروري آهي. اجلاس ۾ اسحاق ڊار افريقه فرينڊ شپ بابت قرارداد پيش ڪندي چيو ته آفريڪي ملڪ پنهنجي آزادي جون ڪامياب تحريڪون هلايون پاڪستان آفريڪي ملڪن جي آزادي واري تحريڪ جي حمايت ڪري ٿو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي امن فورس جو اهم ميمبر آهي. پاڪستان امن دستن آفريقا ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو. روانڊا، گهانا، ايوري ڪوسٽ سميت مختلف ملڪن ۾ آفريڪي ڀائرن جي خدمت ڪئي. 25 مئي پاڪستان آفريقا دوستي جي ڏهاڙي طور تي ملهايو ويندو.
