اسپيس اينڊ اپر ايٽموسفيئر ريسرچ ڪميشن(سپارڪو) به ذوالحج جي چنڊ جي رويت ۽ عيدالاضحيٰ جي امڪاني تاريخ جي حوالي سان اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ اسپارڪو چيو آهي ته فلڪياتي ماڊلز موجب ذوالحج جي نئين چنڊ جي پيدائش 27 مئي 2025 تي پاڪستاني معياري وقت موجب 08:02 بجي ٿيندي. اسپارڪو چيو آهي ته 27 مئي 2025 (29 ذوالقعد) جي لاءِ پاڪستان جي حوالي سان سائنسي تجزئي موجب سج لهڻ وقت چنڊ جي عمر تقريبن 11 ڪلاڪ 34 منٽ هوندي. اسپارڪو چيو آهي ته سائنسي لحاظ سان بهترين موسمي حالتن ۾ به سموري ملڪ ۾ چنڊ جي نظر اچڻ جا امڪان تقريبن نه هجڻ جي برابر آهن. انهي حوالي سان پهرين ذوالحج 29 مئي 2025 تي ٿيڻ جو امڪان آهي جنهن جي حساب سموري ملڪ ۾ عيدالاضحيٰ 07 جون 2025 تي ملهائي ويندي. اسپارڪو چيو آهي ته سموري صورتحال باوجود مرڪزي رويت هلال ڪميٽي اکين ڏٺن گواهن ۽ موسمي حالتن موجب چنڊ جي رويت جو حتمي فيصلو ڪرڻ جي مجاز آهي. ياد رهي ته انهي کان اڳ فلڪياتي مشاهدن جي بنياد تي ماهرن ٻڌايو هو ته 28 مئي تي چنڊ جي عمر 35 ڪلاڪن کان وڌيڪ ٿي ويندي جنهن سبب ذوالحج جو چنڊ چٽي طور تي نظر اچڻ جا امڪان وڌي ويندا آهن ۽ جيڪڏهن اڳڪٿي صحيح ثابت ٿئي ٿي ته پاڪستان ۾ پهرين ذوالحج 29 مئي اربع جي ڏينهن ٿي سگهي ٿي انهي حساب سان عيدالاضحيٰ 7 جون ڇنڇر جي ڏينهن ملهائي ويندي. ياد رهي ته عيدالاضحيٰ جو دارومدار قمري ڪلينڊر ۽ چنڊ جي واضح رويت تي ٿيندو آهي ان ڪري حتمي فيصلو مرڪزي رويت هلال ڪميٽي طرفان چنڊ ڏسڻ کان پوءِ ڪيو ويندو پر فلڪياتي ماهرن جي راءِ عوام کي اڳواٽ تياري ۽ سفري منصوبه بندي ۾ مدد ڪري سگهي ٿي.
