41

ڀارت 20 سالن کان رياستي دهشتگردي ڪري رهيو آهي، خضدار واقعي ۾ فتنته الهندستان ملوث آهي: ڊي جي آءِ ايس پي آر

ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل احمد شريف چوڌري ۽ وفاقي گهرو سيڪريٽري چيو آهي ته شروعاتي جاچ موجب خضدار ۾ اسڪول بس حملي ۾ فتنته الهندستان ملوث آهي. رپورٽ موجب پاڪ فوج جي ڊائريڪٽر جنرل ۽ وفاقي گهرو سيڪريٽري آءِ ايس پي آر اهم پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته خضدار ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو اسڪول جي معصوم ٻارن کي نشانو بنايو ويو اهو حملو اسڪول تي نه اسان جي اقدار تي حملو هو. وفاقي گهرو سيڪريٽري چيو ته شروعاتي جاچ موجب واقعي ۾ فتنته الهندستان ملوث آهي جيڪو هارڊ ٽارگيٽ ۾ ناڪامي کان پوءِ سافٽ ٽارگيٽ کي نشانو بنائي رهيو آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته ڀارت 20 سالن کان رياستي دهشتگردي ۾ ملوث آهي. ڀارت خطي جو امن خراب ڪري رهيو آهي. 2009 ۾ پاڪستان بلوچستان ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ جي شاهدين تي ٻڌل ڊوزينر گڏيل قومن کي پيش ڪيو هو. انهي موقعي تي انهن خضدار واقعي ۾ شهيد ٿيل اسڪول جي ٻارن جون تصويرون ۽ ڪجهه وڊيو به ڏيکاريون. هن چيو ته اسان 2016 ۾ به دهشتگردي جا ثبوت يو اين او کي ڏنا هئا، ڀارت دهشتگردن کي فنڊز ڏيندو آهي. مختلف واقعن ۾ گرفتار دهشتگردن ڀارت جي انهن واقعن ۾ ملوث هجڻ جو اعتراف ڪيو آهي. خضدار واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي جنهن ۾ ڀارت جي حڪم تي اهو واقعو ڪيو ويو ۽ فتنته الهندوستان ڀارت جي حڪم تي ٻارن مسافرن ۽ معصوم ماڻهن کي شهيد ڪندو آهي. انهي موقعي تي ڊي جي آءِ ايس پي آر بلوچستان ۾ ٿيل دهشتگردي جي واقعن جي تاريخ بيان ڪئي. جن ۾ مزدورن کي شهيد ڪيو ويو. ڪيترن ئي واقعن ۾ ماڻهن کي بسن مان لاهي قتل ڪيو ويو، ڌماڪا ڪيا ويا،  حملا ڪيا ويا، ڪيترائي ڀيرا حجام جي دوڪانن ۾ موجود غير مقامي ماڻهن کي شهيد ڪيو ويو، انهي دوران جعفر ايڪسپريس جو واقعو به ٿيو. هن چيو ته اهو فتنته الهندستان جو اصل چهرو آهي جنهن جي پٺڀرائي ڀارت ڪندو آهي. ڪلڀوشن ياديو پنهنجي بيانن ۾ پاڪستان ۾ دهشتگردي جي ڪاروائين جو اعتراف ڪيو آهي، فتنته الهندوستان جو تعلق ڪنهن بلوچ قوم يا اسلام سان نه صرف هندستان سان آهي ڀارت انهن جي ذريعي پوري بلوچستان ۾ دهشتگردي ڪري رهيو آهي. انهي موقعي تي هن ڀارتي آرمي آفيسر ميجر سنديپ جي آڊيو رڪارڊنگ پيش ڪئي جنهن ۾ 2 ماڻهو ڳالهيون ڪري رهيا هئا هڪ شخص چيو ته بلوچستان کان لاهور تائين اسان جا ماڻهو  ويٺل آهن، اسان انهن ڏانهن امائونٽ اماڻينداسين ته پاڪستاني ڳجها ادارا ايڪٽو نه ٿيندا پر اسان وڏو امائونٽ اماڻينداسين ته ادارا ايڪٽو ٿي ويندا انهي لاءِ اسان امائونٽ ٽڪڙن ۾ اماڻينداسين، پر مان اوهان ماڻهن جي تحفظ لاءِ ڌار ڌار اڪائونٽن ۾ ٽڪڙن ۾ پئسا ڏينداسين ته جيئن آپريشن هلندو رهي، اسان کي ڪيترائي سال گڏ هلڻو آهي. هن چيو ته اهي ڳالهيون هڪ انڊين آرمي آفيسر ڪيون هيون جيڪو ڪافي کليل نموني سان ڳالهيون ڪري رهيو هو. انهي موقعي تي ڊي جي آءِ ايس پي آر بلوچستان ۾ ٿيل دهشتگردي جا واقعا تاريخ وار بيان ڪيا جن ۾ مزدورن کي شهيد ڪيو ويو، ڪيترن ئي واقعن ۾ ماڻهن کي بسن مان لاهي قتل ڪيو ويو، ڌماڪا ڪيا ويا، حملا ڪيا ويا، ڪيترن ئي حجامن جي دڪانن ۾ موجود غير مقامي ماڻهن کي شهيد ڪيو ويو. ڊي جي آءِ ايس پي آر سوال اٿاريو ته ڀارت جيڪي اسان جي مسجد ۽ مدرسن تي حملا ڪيا انهي وٽ ڪهڙا ثبوت هئا ته اهي دهشتگردن جا اڏا هئا اسان ميڊيا کي جڳهيون ڏيکاريون جڏهن ته اسان وٽ ڀارت جي خلاف شاهديون موجود آهن. هن بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي هٿان مارجي ويل دهشتگردن جون تصويرون ڏيکاريون جن وٽ پرڏيهي ۽ مهانگا هٿيار هئا جنهن ۾ اسنائپر رائفلز، نائٽ ويزن سميت ٻيا اهم اوزار موجود هئا،  هن چيو ته اهو مهانگو ترين هٿيار آهي جيڪو ڊالرز ۾ ملندو آهي هنن غريب بلوچن کي اهو هٿيار ڪير ڏيندو آهي.؟ ڀارت انهن کي پئسا ڏيندو آهي. اهڙي طرح فتنه الخوارج جن وٽ افغانستان ۾ ڇڏيل آمريڪي هٿيار موجود آهن. ميجر جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته دنيا پڇي رهي آهي ته پهلگام ۾ ڪهڙو پاڪستاني ملوث آهي؟ پاڪستان هر فورم تي ڀارت سان پهلگام واقعي جا ثبوت گهريا، پاڪستان ميڊيا کي اهي سموريون جڳهون ڏيکاريون جنهن بابت هندستان ڀارت دعويٰ ڪئي ته اتي دهشتگردن جون ڪيمپون آهن اتي ڪابه ٽريننگ ڪيمپ نه هئي. هن چيو ته ڀارت ۾ ميڊيا آزاد نه آهي اتي اسٽيٽ ميڊيا جو ڪنٽرول آهي. نام نهاد جمهوري ملڪ ڀارت ۾ آزاد صحافت جو اهو حال آهي.هن چيو ته 11 مئي تي بي ايل اي جي دهشتگردن کان بيان جاري ڪرايو ويو، بي ايل اي جي ماڻهن ڀارتي ٽي وي چينلز تي ويهي پاڪستان جي خلاف زهر اوڳاڇيو ڇا اسان بي ايل اي جي ڌمڪين کان  ڊڄي وينداسين؟ دهشتگردن جي سامهون پاڪستان جي هٿياربند فوج پهاڙ جيان بيٺل آهي. هن عديله بلوچ جو وڊيو بيان پيش ڪيو جنهن کي آپگهاتي حملي آور بنايو ويو هو پر انهي کي گرفتار ڪيو ويو. عديله بلوچ ٻڌايو ته انهي کي بليڪ ميل ڪيو ويو هو.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو