آءِ ايم ايف مشن جو پاڪستان جو دورو مڪمل ٿي ويو آهي جنهن دوران مهانگائي ۾ گهٽتائي، ٽيڪس آمدني ۾ اضافي ۽ اصلاحات جاري رکڻ تي زور ڏنو ويو آهي. عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) جي مشن نيٿن پورٽر جي اڳواڻي ۾ پاڪستان جو دورو مڪمل ٿي ويو اهو دورو 19 مئي کان شروع ٿيو هو جنهن ۾ مالي سال سال 2025-26 جي بجيٽ، اقتصادي اصلاحات ۽ پاليسي معاملن تي تفصيلي ۽ تعميري ڳالهيون ڪيون ويون. مشن جي اختتام تي جاري ڪيل پڌرائي ۾ ايندڙ ڏينهن ۾ بجيٽ ڳالهيون جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي جڏهن ته ايندڙ جائزه اجلاس هلندڙ سال جي ٻئي ڇهين مهيني ۾ ٿيندو. پڌرائي موجب پاڪستاني اختيارين سان ٿيندڙ ڳالهيون تعميري رهيون. وفد اعتراف ڪيو ته پاڪستان مالياتي استحڪام ۽ پاليسين جي تسلسل لاءِ ارادن جو مظاهرو ڪيو آهي. توانائي جي شعبي ۾ جاري اصلاحات، مهانگي بجلي جي ڍانچي کي ختم ڪرڻ ۽ توانائي جي لاڳت کي گهت ڪرڻ تي به تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. آءِ ايم ايف پاڪستان تي زور ڏنو ته مهانگائي کي 5 کان 7 سيڪڙو جي حدف ۾ آڻڻ جي لاءِ سخت مانيٽري پاليسي برقرار رکي وڃي. اسٽيٽ بينڪ کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ناٽي جي مٽاسٽا کي نظر ۾ رکندي مانيٽري پاليسي ٺاهي وڃي. معاشي ترقي جي شرح کي وڌائڻ جي لاءِ بنيادي اصلاحات، مالياتي نظم وضبط ۽ ٽيڪس نيٽ جي دائري کي وسيع ڪرڻ تي به زور ڏنو ويو. وفد ٻڌايو ته پاڪستان جو پرائمري سرپلس جو حدف 1.6 سيڪڙو مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته ايندڙ مالي سال ۾ ناڻي جي ذخيرن کي مستحڪم رکڻ ۽ ڪرنسي جي ايڪسچينج ريٽ کي مارڪيٽ موجب رکڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ٻاهرين معاشي دٻاءُ جو مقابلو ڪري سگهجي. آءِ ايم ايف مشن جي سربراهه نيٿن پورٽر چيو ته ايندڙ بجيٽ ۾ ٽيڪس آمدني وڌائڻ، خرچن جي ترجيحات تي نظر ثاني ڪرڻ ۽ سماجي شعبي جي تحفظ کي يقيني بنائڻ جي لاءِ واضح حڪمت عملي جوڙي وڃي. اهڙي طرح بجيٽ جي حڪمت عملي ۾ اهڙي اصلاحات شامل ٿيڻ گهرجي جو پائيدار ترقي، مالي استحڪام ۽ ڪاروباري موقعن ۾ بهترين جو ذريعو بڻجن.
