46

بجيٽ تي آءِ ايم ايف جو دٻاءُ ناهي، دفاعي بجيٽ ۾ اضافو ٿيندو، عوام کي به رليف ڏينداسين: احسن اقبال

 منصوبه بندي واري کاتي جي وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته بجيٽ تي آءِ ايم ايف جو دٻاءُ ناهي، دفاعي بجيٽ ۾ اضافو ٿيندو ۽ عوام کي به رليف ڏينداسين. سيڪريٽري جنرل انسٽي ٽيوشن آف انجنيئرز پاڪستان امير ضمير جي اڳواڻي ۾ وفد وفاقي وزير احسن اقبال سان ملاقات ڪئي. انهي موقعي تي احسن اقبال چيو ته آءِ ايم ايف حڪومت جي قدمن مان مطمئن آهي، بجيٽ جي حوالي سان آءِ ايم ايف جو ڪوبه دٻاءُ ناهي، عوام کي رليف ڏينداسين. هن چيو ته حڪومت ڪوبه اهڙو قدم نه کڻندي جنهن سان قومي اتحاد ۽ ريگانگت متاثر ٿئي. وفاقي وزير چيو ته ملڪي سيڪيورٽي صورتحال کي نظر ۾ رکندي دفاعي بجيٽ ۾ اضافو ڪيو ويندو. اسان ديامير، ڀاشا ڊيم سميت سمورا آبي منصوبا جلد مڪمل ڪنداسين ته جيئن ڀارت فائدو نه کڻي، سمورن منصوبن کي اوليت جي بنيادن تي فنڊز ڏينداسين. ياد رهي ته 6 ۽ 7 مئي تي ڀارتي جارحيت جي دوران نيلم جهلم هائيڊرو پاور پروجيڪٽ کي به نشانو بنايو هو جنهن سبب ڊيم جي ڪجهه حصن کي نقصان پهتو هو.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو