سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته 2022 جي ٻوڏ ۾ سنڌ ۾ 21 لک گهر تباهه ٿيا جيڪي ورلڊ بينڪ جي 500 ملين ڊالر جي شروعاتي امداد سان وقت تي تعمير ٿيا. ذريعن موجب ورلڊ بينڪ سنڌ حڪومت سان ٻوڏ متاثرين جي امداد لاءِ تعاون جاري رکڻ جي ارادن جو اظهار ڪيو آهي. خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ورلڊ بينڪ جي وفد سان گڏ نظر محمد لغاري ڳوٺ جو دورو ڪيو جنهن دوران متاثر عورتن ۾ گهرن جي ملڪيت جون سندون ورهايون ويون. انهي موقعي تي آصفه ڀٽو چيو ته اهو منصوبو عورتن کي مالڪاڻا حق ڏيندڙ پاڪستان جو سڀني کان وڏو پروگرام آهي. سنڌ حڪومت ڳوٺاڻين عورتن کي بااختيار بنائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ٻئي طرف سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته 2022 جي ٻوڏ ۾ سنڌ ۾ 21 لک گهر تباهه ٿيا، ورلڊ بينڪ جي 500 ملين ڊالر جي شروعاتي امداد سان گهرن جي وقت تي تعمير ممڪن ٿي سگهي.
