49

40 سالن تائين صفائي ڪري پئسا جمع ڪندڙ انڊونيشيا جو جوڙو حج ڪرڻ لاءِ سعودي عرب پهچي ويو

 انڊونيشيا ۾ صفائي جو ڪم ڪندڙ پيرسن جوڙو 40 سالن تائين پئسا جمع ڪرائڻ کان پوءِ آخرڪار حج جي ادائيگي لاءِ سعودي عرب پهچي ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب انڊونيشيا کان حج جي ادائيگي لاءِ ايندڙ انهي بزرگ شهري جو نالو ليگيمين آهي جيڪو  صفائي سٿرائي جو ڪم ڪندو آهي جڏهن ته انهي جي گهر واري به سندس مدد ڪندي آهي. انهي حوالي سان سعودي پريس ايجنسي کي انٽرويو ڏيندي بزرگ شهري ٻڌايو ته حج ڪرڻ جو منهنجو خواب 40 سالن جي محنت کان پوڙ پورو ٿي رهيو آهي. مون کي يقين نه پيو اچي ته مان پنهنجي اکين سان خانه ڪعبه کي ڏسي سگهندس. هن ٻڌايو ته مشڪل حالاتن جي باوجود 1986 ۾ گهر واري سان گڏجي سخت محنت ڪرڻ کان پوءِ حج لاءِ پئسا جمع ڪيا ۽ ايترا پئسا جمع ڪرري ورتا آهن ته اسان هن سال حاجين جي فهرست ۾ پنهنجو نالو لکرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهيون. هن وڌيڪ ٻڌايو ته مان پهريان رب جو ٿورو ادا ڪريان ٿو پوءِ مددڪ ندڙ انهي شخص سميت (مڪه روٽ انيشي ايٽو) جو ٿورو ادا ڪريان ٿو جنهن انهي کي آسان بنايو ۽ انهي جو مان سوچي به نٿي سگهيس.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو