39

وزيراعظم شهباز شريف ترڪيه، آذربائيجان، ايران ۽ تاجڪستان جي 6 ڏينهن جي دوري تي روانو

وزيراعظم شهباز شريف ترڪيه، آذربائيجان، ايران ۽ تاجڪستان جي 6 ڏينهن جي دوري تي روانو ٿي ويو آهي. خصوصي جهاز ۾ لاهور کان روانو ٿي وزيراعظم شهباز شريف استنبول پهتو، نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، اطلاعات وارو وزير عطاءُالله تارڙ، خاص مددگار طارق فاطمي به وزيراعظم سان گڏ آهن. زيراعظم دوست ملڪ جي اڳواڻن سان گڏ ٻطرفي لاڳاپن، علاقائي ۽ عالمي اهميت جي معاملن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. نهي کان علاوه وزيراعظم ڀارت سان ڇڪتاڻ جي دوران دوست ملڪن طرفان پاڪستان جي حمايت تي انهن جو ٿورو ادا ڪندو. جڏهن ته اهو 29 ۽ 30 مئي تي دوشنبي ۾ گليشيئرز تي عالمي ڪانفرنس ۾ به شريڪ ٿيندو. وزيراعظم شهباز شريف 30 مئي تي تاجڪستان کان ملڪ واپس پهچندو.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو