ڪراچي:)پريس رليز( نيٽريشن انٽرنيشنل پاران سنڌ فوڊ اٿارٽي جي عملي (فوڊ سيفٽي آفيسر) لاءِ کاڄرو تيل جي افزودگي، ان جي معيار جي يقيني بڻائڻ ۽ ڪوالٽي ڪنٽرول بابت تربيت پروگرام ڪرايو ويو، جيڪو بيچ لگزري هوٽل ڪراچي ۾ ٿيو. ان موقعي تي ڊي جي سنڌ فوڊ اٿارٽي، ٽيڪنيڪل ڊائريڪٽر، ڊپٽي ڊائريڪٽرز، ڪراچي يونيورسٽي جا پروفيسر ۽ پي سي ايس آءِ آر جا سينيئر سائنٽيفڪ آفيسر پڻ شريڪ ٿيا. هن تربيت جو مقصد سنڌ فوڊ اٿارٽي جي فوڊ سيفٽي آفيسرن جي ڄاڻ ۾ واڌارو آڻڻ ۽ انهن کي فني طريقي سان رهنمائي فراهم ڪرڻ هو، جيئن ته سڀني لاءِ غذائي افزودگي يقيني بڻائي سگهجي. سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل آصف جان، فوڊ فورٽي فڪيشن (غذائي افزودگي) جي اهميت تي زور ڏنو. هن صوبائي سطح تي کليل کاڌي جي تيل جي وڪري تي پابندي بابت وضاحت ڪئي ۽ ٻڌايو ته بغير ڪنٽرول تيل صحت لاءِ خطرو آهي. تنهن هوندي به هن غريب ماڻهن جي معاشي حالتن جو به اعتراف ڪيو، گهٽ قيمت سبب ماڻهو کليل تيل خريدڻ تي مجبور آهن. هن چيو، “جيئن ته پيڪ ٿيل تيل وڌيڪ محفوظ آهي پر اسان انهن خاندانن جي مالي مشڪلاتن کي به سمجهون ٿا.” نيوٽريشن انٽرنيشنل جي ايڊيبل آئل فورٽي فڪيشن ڪامپوننٽ جي صوبي سطح جي پروگرام مينيجر معين قريشي، سنڌ فوڊ اٿارٽي جي مدد لاءِ عزم ورجايو. هن چيو، “نيوٽريشن انٽرنيشنل پرعزم آهي ته سنڌ فوڊ اٿارٽي جي عملي کي فني رهنمائي، تربيت ۽ آگاهي فراهم ڪري ته جيئن غذائيت سان ڀرپور ۽ محفوظ کاڌي جو تيل هر ماڻهو تائين پهچي.” ڪراچي يونيورسٽي جي فوڊ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ڊپارٽمينٽ جي پروفيسر ڊاڪٽر غفران سعيد شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته، “غذائيت ڀرپور خوراڪ ۽ تيل جي افزودگي پاڪستاني قوم جي اڄ جي ضرورت آهي، ڇو ته کليل تيل ۽ غير متوازن خوراڪ وڏي پيماني تي غريب ماڻهن کي متاثر ڪيو آهي.” هي تربيت سنڌ فوڊ اٿارٽي جي فوڊ سيفٽي آفيسرن لاءِ تمام ڄاڻ ڀري ۽ فني نوعيت واري هئي. ڊي جي فوڊ اٿارٽي نيوٽريشن انٽرنيشنل سان گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ غريب ماڻهن لاءِ محفوظ خوراڪ کي يقيني بڻائڻ جو واعدو ڪيو. هن نيوٽريشن انٽرنيشنل جي انهن ڪوششن جي ساراهه ڪئي، جيڪي هن اهم مقصد لاءِ ورتيون ويون آهن.
