خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور طرفان ساک کي نقصان پهچائڻ جي الزام هيٺ ڪي پي ڪي اسيمبلي جي اپوزيشن اڳواڻ کي هڪ ارب روپيه هرجاڻي جو قانوني نوٽيس اماڻي ڇڏيو آهي. خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي اپوزيشن اڳواڻن عبادالله هڪ بيان ڏنو ته وڏو وزير علي امين گنڊاپور ڪوهستان ڪرپشن اسڪينڊل جو مُک ڪردار آهي. ياد رهي ته هلندڙ سال اپريل ۾ اها خبر سامهون آئي هئي ته خيبرپختونخواهه جي سرڪاري بينڪ اڪائونٽس مان 40 ارب روپين کان وڌيڪ جي خرد برد ۽ مالي بدعنواني جو انڪشاف ٿيو آهي، جڏهن ته خرد برد جي رقم لاڳيتو وڌي رهي آهي. اسڪينڊل کي پاڪستان جي تاريخ جي سڀني کان وڏي مالياتي اسڪينڊلز مان هڪ قرار ڏنو ويو. جنهن کان پوءِ تقريبن 50 بينڪ اڪائونٽس منجمند ڪيا ويا آهن جڏهن ته جاچ جو دائرو به وڌايو ويو آهي. شروعاتي جاچ ۾ اهو به انڪشاف ٿيو ته ضلعي جي سرڪاري اڪائونٽس مان تقريبن هڪ هزار جعلي چيڪ جاري ڪيا ويا جڏهن ته هينئر تائين 50 شڪي اڪائونٽ هولڊر جي نشاندهي ٿي چڪي آهي، شاهدين مان بااثر، سياسي ۽ اعليٰ سرڪاري شخصيتن جي شموليت جا چٽا آثار مليا آهن.
