49

اميد آهي عمران خان عيد کان پهريان آزاد ٿي ويندو، ڪارڪن جذبات کي قابو ۾ رکن: بيرسٽر سيف

 پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بيرسٽر گوهر علي خان دعويٰ ڪئي آهي ته مون کي اميد آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان عيد کان پهريان آزاد ٿي ويندو. ڪارڪن پنهنجن جذبات کي قابو ۾ رکن. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي بيرسٽر گوهر علي چيو ته عمران خان جي آزادي لاءِ ڪارڪنن جو سوال اٿارڻ صحيح آهي، ورڪرز جي جذبات جي قدر ڪريون ٿا، ڪوبه اهو سوچي نٿو سگهي ته پي ٽي آءِ باني 2 سال جيل ۾ ڇو گذاريا. هن چيو ته ڪارڪن پنهنجي جذبات کي ڪنٽرول ۾ رکن، پي ٽي آءِ باني کي آزاد ڪرائڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته اسان ڌرڻا ۽ احتجاج به ڪيا، اسان اسيمبلي ۾ به ڳالهيون ڪري رهيا آهيون. عمران خان چيو آهي ته الله جي عبادت ڪريان ٿو، الله کان مدد گهران ٿو، الله رستو ڪڍندو، مون کي اميد آهي ته پي ٽي آءِ باني عيد کان پهريان آزاد ٿي ويندو. بيرسٽر گوهر وڌيڪ چيو ته مون کي اميد آهي ته ڪيس فڪس ٿي ويندو. ٻن سالن کان اسان جا ماڻهو برداشت ڪندي ڪندي ٿڪجي پيا، ججز به فيصلو لکندي لکندي ٿڪجي پيا آهن، اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته پي ٽي آءِ باني جا ڪيسز لڳن ۽ ميرٽ تي فيصلا ٿين.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو