سپريم ڪورٽ ججز جي بدلين بابت اهم آئيني ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا آهن ته ججز جي بدلين ۾ 3 مرحلن تي عدليه جي منظوري لازمي آهي. ججز جي بدلين بابت اهم آئيني ڪيس جي ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ ۾ عدليه جي خودمختاري، سينارٽي ۽ آئيني آرٽيڪلز تي گهرا سوال اٿاريا ويا آهن. سپريم ڪورٽ ۾ ججز ٽرانسفر ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس محمد علي مظهر جي سربراهي ۾ 5 رڪني آئيني بينچ ڪئي جنهن ۾ وڪيل فيصل صديقي دليل ڏنا جڏهن ته اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ سڀاڻي پنهنجا دليل جاري رکندو. وڪيل فيصل صديقي پنهنجي موقف ۾ چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو قيام آئين جي آرٽيڪل 175 جي تحت عمل ۾ آيو آهي ۽ انهي قانون ۾ ججز جي مقرري جو تعلق صرف صوبن سان آهي جنهن موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ججز جي بدلي ممڪن ناهي، جيڪڏهن ڪنهن جج جي بدلي ٿي به وڃي ته اها مستقبل نه هوندي، جڏهن ته ٻيهر حلف جي به ضرورت نه پوندي. انهي موقعي تي جسٽس محمد علي مظهر پڇاڻو ڪيو ته ڇا آرٽيڪل 175 اي جي لاڳو ٿيڻ کان پوءِ آرٽيڪل 200 غير موثر ٿي چڪو آهي؟ فيصل صديقي جواب ۾ چيو ته بدلين جي موجوده نظام ۾ جوڊيشل ڪميشن جا اختيار سلب ڪيا پيا وڃن جيڪو آئيني روح جي ابتڙ آهي. جسٽس شڪيل احمد چيو ته جيڪڏهن ملڪ ۾ ججز جي هڪ گڏيل سينارٽي لسٽ هجي ته تڪرار ختم ٿي سگهن ٿا، جنهن تي فيصل صديقي اتفاق ڪندي چيو ته گڏيل سينارٽي لسٽ سان ججز جي بدلين جا اثرات سڀني تي واضح ٿيندا. فيصل صديقي وڌيڪ چيو ته سينارٽي ڏهاڪن ۾ بڻجندي آهي، جڏهن ته ايگزيڪيوٽو جي ذريعي راتو رات انهي فهرست ۾ هيٺ مٿانهين ڪرڻ هڪ غاصبانه عمل آهي. جسٽس محمد علي مظهر بدلين جي عمل جي وضاحت ڪندي چيو ته انهي ۾ 4 مرحلا شامل هوندا آهن. لاڳاپيل هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس، جسٽس هاءِ ڪورٽ ۾ ٽرانسفر ٿيندو آهي انهي جي چيف جسٽس، بدلي ٿيل جج ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان، جيڪڏهن ڪنهن هڪ مرحلي تي به انڪار ٿي وڃي ته بدلي ممڪن نٿي ٿي سگهي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اهو سڀ ڪجهه ايگزيڪيوٽو جي هٿ ۾ هجي ها ته ڌار ڳالهه هئي پر هتي عدليه جي 4 فورمز جي منظوري لازمي آهي، فيصل صديقي عدالت کي ٻڌايو ته موجوده قانون ۾ بدنيتي ڪئي وئي ۽ سينارٽي جي حساس معاملي تي عدليه کي اونداهي ۾ رکيو ويو. جنهن کان پوءِ سپريم ڪورٽ فيصل صديقي جا دليل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، جڏهن ته اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ سڀاڻي پنهنجا دليل ڏيندو.
