وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جو 2 ڏينهن جو دورو مڪمل ڪرڻ کان پوءِ ايران جي راڄڌاني تهران جي لاءِ روانو ٿي ويو آهي. وزيراعظم جي انهي دوري جو مقصد ترڪيه جي قيادت ۽ عوام خاص طور تي صدر رجب طيب اردوان طرفان تازي پاڪ ڀارت ڇڪتان ۾ پاڪستان جي حمايت تي سندس ٿورو ادا ڪرڻ هو. استنبول ايئرپورٽ تي وزيراعظم کي پرجوش انداز ۾ رخصت ڪيو ويو جتي ترڪ دفاع واري وزير يشا گيولر، استنبول جي ڊپٽي گورنر الڪر حافتان، پاڪستان ترڪيه ڪلچرل ايسوسيئيشن جي صدر بريان قاياترڪ، ترڪيه ۾ پاڪستان جي سفير يوسف جنيد ۽ استنبول ۾ مقرر پاڪستاني ڪونسل جنرل نعمان اسلم سميت ترڪيه حڪومت جون اعليٰ اختياريون ۽ پاڪستاني سفارتڪار موجود هئا. وزيراعظم شهباز شريف جي انهي دوري کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻن ڀائراڻن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جي هڪ اهم ڪڙي قرار ڏنو پيو وڃي. دوري جي دوران وزيراعظم ترڪيه جي اعليٰ قيادت سان ملاقاتون ڪيون ۽ ٻطرفن لاڳاپن علاقائي صورتحال ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. دورو مڪمل ٿيڻ کان پوءِ وزيراعظم شهباز شريف تهران روانو ٿي ويو جتي هو ايراني قيادت سان اهم ملاقاتون ڪندو. اهڙين ملاقاتن ۾ خطي جي گڏيل صورتحال، گڏيل تعاون ۽ اقتصادي ڀائيواري تي به ڳالهين جو امڪان آهي. وزيراعظم جي ترڪيه جي تازي دوري کي سفارتي حلقا پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ۾ هڪ اهم اڳڀرائي قرار ڏئي رهيا آهن جيڪو خطي ۾ امن، استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي ارادن کي اجاگر ڪري ٿو. ياد رهي ته وفاقي گهرو وزير محسن نقوي به هڪ ڏينهن جي دوري تي اڄ ايران روانو ٿي ويو آهي جتي هو وزيراعظم شهباز شريف جي وفد ۾ شامل هوندو.
