52

وزيراعظم شهباز شريف ۽ سندس وفد جي ميزباني ڪري خوشي محسوس ٿي: ترڪ صدر

 ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان چيو آهي ته وزيراعظم پاڪستان شهباز شريف ۽ سندس وفد جي ميزباني ڪري خوشي محسوس ٿي آهي. سماجي رابطن جي ويب سائٽ ايڪس تي ترڪ زبان ۾ پنهنجي پيغام ۾ رجب طيب اردوان چيو ته وزيراعظم پاڪستان سان ملاقات ۾ ڪيترن ئي اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، شهباز شريف ۽ سندس وفد سان معيشت، واپار ۽ سلامتي تي ڳالهيون ٿيون آهن. هن چيو ته ترڪيه ۽ پاڪستان جي وچ ۾ لاڳاپن کي هر شعبي ۾ وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي زور ڏنو ويو. رجب طيب اردوان چيو ته وزيراعظم پاڪستان جي ذريعي پاڪستاني ڀائرن کي محبت جو پيغام ڏيان ٿو. شهباز شريف ۽ ان جي وفد جو ترڪيه جي دوري جو ٿورو ادا ڪريان ٿو، الله تعاليٰ اسان جي يڪجهتي ۽ ڀائيچاري کي قائم رکي. هوڏانهن پنهنجي ايڪس پيغام ۾ وزيراعظم شهباز شريف ترڪيه جي صدر لاءِ(پيارو ڀاءُ) جا لفظ لکي سندس ٿورو ادا ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف لکيو ته(اسنتبول ۾ پياري ڀاءُ صدر رجب طيب اردوان سان ملاقاتج و اعزاز حاصل ٿيو، جنهن ۾ تازو پاڪستان ڀارت تڪرار ۾ پاڪستان جي حمايت تي صدر اردوان جو ٿورو ادا ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان شاندار فتح حاصل ڪئي.) هن چيو ته ملاقات ۾ پاڪستاني عوام جي طرفان ترڪ ڀائرن ۽ ڀينرن لاءِ شڪريه جي جذبن جو اظهار ڪيو. شهباز شريف ٻڌايو ته ملاقات ۾ ڊگهي مدي تائين ٻطرفن لاڳاپن، خاص طور تي واپار ۽ سرمائيڪاري ۾ جاري اڳڀرائي جو به جائزو ورتو ويو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته هن ملاقات ۾ ناقابل تسخير ڀائراڻا لاڳاپن ۽ تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ جو ارادو ڪيو ويو. ياد رهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي ترڪ صدر سان اهم ملاقات ٿي آهي، ملاقات جي پڌرائي موجب پاڪ ترڪيه لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ٻطرفن پراڻن، تاريخي ۽ ثقافتي لاڳاپن تي به ڳالهيون ڪيون ويون. وزيراعظم پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ ۾ حمايت تي دل جي گهرائين سان سندس ٿورو ادا ڪيو ۽ چيو ته ترڪيه جي حمايت ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي، لازوال رشتي جي عڪاسي هئي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو