36

دوست ملڪن جو دورو: وزيراعظم شهباز شريف ايران کان پوءِ آذربائيجان پهچي ويو

وزيراعظم شهباز شريف دوست ملڪن جي دوري جي ايندڙ مرحلي ۾ ايران جو دورو مڪمل ڪري آذربائيجان پهچي ويو. وزيراعظم آذربائيجان جي صدر جي دعوت تي لاچين جي هوائي اڏي پهتو جتي آذربائيجان جي پرڏيهي وزير ۽ پاڪستاني سفير قاسم محي الدين شهباز شريف جو استقبال ڪيو. رپورٽ موجب وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان، ترڪيه ۽ آذربائيجان ٽه آفريقي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ لاچين شهر پهتو آهي. اختيارين ٻڌايو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي آذربائيجان جي دوري کان پوءِ تاجڪستان ويندو. انهي کان اڳ وزيراعظم پنهنجو ٻن ڏينهن جو ايران جو دورو مڪمل ڪيو. انهي دوران وزيراعظم جي ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنائي ۽ صدر مسعود پزشڪيان سميت اعليٰ اختيارين سان ملاقاتون ٿيون.  وزيراعظم ۽ ايراني اڳواڻن جي ملاقاتن ۾ پاڪستان، ايران لاڳاپا خاص طور تي واپار ۽ علائقائي رابطن کي هٿي ڏيڻ تي ڳالهيون ٿيون جڏهن ته ڀارت جي پاڪستان تي مڙهيل جنگ جي دوران ايران جي ڪوششن جي تعريف ڪئي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو