سنڌ حڪومت سرڪاري تقريبن ۾ تحفا ڏيڻ جي روايت کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. سنڌ جي ايجوڪيشن کاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته اسڪولن جي سرڪاري تقريبن ۾ ٻارن ذريعي مهمانن جو استقبال نه ڪيو ويندو. اهڙي طرح سرڪاري سطح تي اجرڪ، سنڌي ٽوپي يا ڪو ٻيو تحفو ڏيڻ جي روايت کي به ختم ڪيو ويو آهي. سمورن ڊائريڪٽرن، پرنسپلز ۽ هيڊ ماسٽرز کي فوري طور تي حڪمن تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. سنڌ حڪومت چيو آهي ته سمورا ادارا اهڙن حڪمن تي عمل ڪرڻ جا مڪمل طور تي پابند هوندا، ڀڃڪڙي جي صورت ۾ سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.
