سنڌ هاءِ ڪورٽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ملازمن کي مشروط طور تي بحال ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ملازمن جي بحالي جي درخواستن تي ٻڌڻي ٿي جنهن سلسلي ۾ سرڪاري وڪيل ۽ ٻيون اختياريون پيش ٿيون. سرڪاري وڪيل دليل ڏيندي چيوته ملازمن کي گهر وارين ۽ ويجهن مائٽن کي فنڊز سان نوازڻ جي الزام هيٺ نوڪرين تان هٽايو ويو هو. ملازمن جي وڪيل چيو ته بي آءِ ايس پي ملازمن اختيارن کان مٿانهون استعمال ڪري ڪنهن کي به فائدو ناهي پهچايو جن ملازمن گهر وارن کي فنڊز ڏنا انهن جون پگهارون امداد جي شرط جي حد کان گهٽ آهن، قانون ۾ اهو ناهي ته پنهنجي مستحق مائٽن کي بي آءِ ايس پي ڪارڊ نٿو ڏئي سگهجي. سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو ته ملازمن جي بحالي کان پوءِ انهن جي قائدن موجب انڪوائري ٿيندي جيڪا 3 مهينن ۾ مڪمل ٿيندي. انهي دوران پگهار بحال نه ٿيندي، جيڪڏهن انڪوائري 3 مهينن ۾ مڪمل نه ٿي ته پگهار جي ادائيگي شروع ٿي ويندي.
