38

شيخوپوره ۾ تيز رفتار ڊمپر موٽر سائيڪل سوارن کي چيڀاٽي ڇڏيو، ماءُ، ڌيءَ فوت، پيءُ، پٽ زخمي

 شيخوپوره ۾ لاهور روڊ تي تيز رفتار ڊمپر موٽر سائيڪل سوارن کي چيڀاٽي ڇڏيو، حادثي ماءُ، ڌيءَ، فوت جڏهن ته پيءُ ۽ پٽ زخمي ٿي پيا. رپورٽ موجب شيخوپوره ۾ افسوسناڪ حادثو پيش آيو آهي، جتي لاهور روڊ تي قلعه ستار شاهه جي ڀرسان ڊمپر موٽر سائيڪل سوارن کي چيڀاٽي ڇڏيو، حادثي جي نتيجي ۾ ماءُ ۽ سندس ڌيءَ فوت ٿي ويا جڏهن ته پيءُ ۽ پٽ زخمي ٿي پيا. فوت ٿي ويلن ۾ 30 ورهين جي شازيه ۽ 9 ورهين جي ثڻا شامل آهن. جيڪي حادثي کان پوءِ ٿڏي تي فوت ٿي ويا ريسڪيو 1122 لاشن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ياد رهي ته 14 مئي تي به لاهور ۾ خوفناڪ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا جڏهن ته ڊمپر 3 رڪشائن ۽ 2 موٽر سائيڪل سوارن کي چيڀاٽي ڇڏيو هو. حادثي ۾ 4 ڄڻا سخت زخمي به ٿي پيا هئا.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو