56

فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي ايراني چيف آف جنرل اسٽاف سان ملاقات، دفاعي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ

 فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ايراني چيف آف جنرل اسٽاف سان اهم ملاقات ڪئي آهي. آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ايراني جنرل اسٽاف جي هيڊ ڪوارٽر پهتو جتي هن ايراني چيف آف جنرل اسٽاف سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ خطي جي تبديل ٿيندڙ سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ ٻطرفي دفاعي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي زور ڏنو ويو. ملاقات جي دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ فوج جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات دوران گڏيل سرحدي سيڪيورٽي نظام بهتر بنائڻ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. جڏهن ته خطي ۾ استحڪام ۽ خوشحالي کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ قدمن تي به ڳالهيون ڪيون ويون. سرحدي علائقن کي واپار ۽ اقتصادي رابطن جي مرڪز ۾ تبديل ڪرڻ جي امڪانن جو به جائزو ورتو ويو. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي ايراني هٿياربند فوج جي چاق وچوبند دستي گارڊ آف آنر به پيش ڪيو. انهي کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير آيت الله خامنائي ۽ ايراني صدر سان به ملاقات ڪئي هئي. ياد رهي ته وزيراعظم شهباز شريف سان گ

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو