پاڪستان جي ايٽمي ڌماڪن کي 27 سال مڪمل ٿي ويا آهن، سڀاڻي سموري ملڪ جوش، جذبي سان يوم تڪبير ملهايو ويندو. يوم تڪبير ۽ معرڪه حق جي ڪاميابي تي اظهار تشڪر جي مک ۽ وڏي تقريب پشاور ۽ ميرپور آزاد جمون ڪشمير ۾ منعقد ٿيندي. ڪشمير جي معاملن وارو وفاقي وزير، گلگت بلتستان، سيفران، صدر پاڪستان مسلم ليگ(ن) خيبرپختونخواهه امير مقام مهمان خاص هوندو. گلگت بلتستان ۾ به خصوصي تقريبون منعقد ٿينديون. امير مقام ميرپور ۾ مرڪزي جلسي کي خطاب ڪندو. خيبرپختونخواهه ۾ يوم تڪبير جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. مسلم ليگ(ن) سموري صوبي ۾ خصوصي تقريبون منعقد ڪندي. مُک تقريب پشاور ۾(ن) ليگ سيڪريٽريٽ ۾ منعقد ٿيندي جنهن کي امير مقام خطاب ڪندو. امير مقام جي هدايت تي(ن) ليگ جي سمورين ونگز کي ريليون ڪڍڻ جي به هدايت ڪئي وئي آهي. پنهنجي پيغام ۾ امير مقام چيو ته يوم تڪبير ۽ يوم معرڪه حق قومي وقار ۽ دفاع تي سمجهوتو نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ نوازشريف ۽ وزيراعظم شهباز شريف کي سلام پيش ڪنداسين.
