46

“پريالوءِ ۾ صفائي جي خراب صورتحال تي سوال ڪرڻ تي جمعدار جو آڱوٺو، شهرين ۾ ڪاوڙ”

پريالوءِ شهر ۾ صفائي جي ناقص صورتحال بابت جڏهن صفائي عملي جي جمعدار فضل لاکو کان پڇا ڪئي وئي ته هن جواب ڏيڻ بجاءِ آڱوٺو ڏيکاري چيو ته صفائي نه ٿيندي، جنهن کي چوڻو آهي چئو جمعدار جي هن بي حسي، بي ذميواري ۽ شهرين جي تذليل واري روئي تي شهرين ۾ سخت ڪاوڙ پيدا ٿي وئي آهي. شهرين جو چوڻ آهي ته، “ڇا پڇا ڪرڻ گناهه آهي؟ ڇا سرڪاري ملازم پاڻ کي قانون کان مٿانهون سمجهن ٿا؟” شهر جي گهٽين، محلن ۽ روڊن تي گندگي جا ڍير لڳل آهن، بدبو، مڇر ۽ بيماريون عام ٿي رهيون آهن، پر صفائي عملو پنهنجي اصل فرض تان غافل نظر اچي رهيو آهي. علائقائي ماڻهن اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي جمعدار جي روئي خلاف مثال بڻائيندڙ قدم کنيا وڃن ته جيئن اهڙا واقعا ٻيهر نه ورججن. رابطو ڪرڻ تي لاڳاپيل انتظاميا خاموشي اختيار ڪري وئي آهي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو