پي ٽي آءِ طرفان امڪاني احتجاج کي نظر ۾ رکندي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چوڌاري سيڪيورٽي جي اضافي نفري کي مقرر ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب عدليه سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان اڄ احتجاج جو سڏ ڏنو ويو هو. انهي حوالي سان اڄ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ ٻين هنڌن تي سيڪيورٽي کي هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي، هاءِ ڪورٽ جي چوڌاري پوليس، ايف سي جي اضافي نفري کي مقرر ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته اعلان موجب پي ٽي آءِ جا اسيمبلي ميمبر ۽ ڪارڪن عدليه سان يڪجهتي جو اظهار ڪندا. اڳواڻن جو چوڻ آهي ته 190 ملين پائونڊز نيب ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جي سزا معطلي ڪيس اڃان تائين مقرر نه ٿي سگهيو آهي. پي ٽي آءِ قيادت اڄ ٻيهر ڪيس مقرر ڪرائڻ جي لاءِ هاءِ ڪورٽ ايندي. هوڏانهن خيبرپختونخواهه جي اطلاعات بابت صلاحڪار بيرسٽر سيف چيو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٻاهران اڄ سخت احتجاج ٿيندو. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته احتجاج ۾ سمورين اپوزيشن پارٽين کي دعوت ڏني وئي آهي. بيرسٽر سيف پنهنجي بيان ۾ مطالبو ڪيو ته 26هين آئيني ترميم جون زنجيرون ٽوڙي عمران خان جا ڪيسز ٻڌا ويندا. 26هين آئيني ترميم عدالتي نظام کي مفلوج ڪري ڇڏيو آهي. انصاف ۾ دير، انصاف کان انڪار جي برابر آهي. هن چيو ته ڪيسز جي ٻڌڻي ۾ دير ثابت ڪري ٿي ته ڪيسز ڪوڙا آهن. جيڪڏهن ڪيسز ۾ ڪجهه هجي ها ته دير نه ڪئي وڃي ها، ڪيسز ۾ دير جو مقصد عمران خان کي قيد رکڻ آهي. عمران خان جي آزادي سان جعلي حڪومت پنهنجو انجام ڏسي رهي آهي.
