تفصيل موجب ڪشمورلڳ چاچڙ پل هٿياربندن پاران ڦر جي ڪوشش، مزاحمت تي فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل هٿياربندن ڦر جي ڪوشش مزاحمت ڪرڻ هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ يار محمد پٽ دلمراد مزاري موقعي ٿڏي قتل ٿي ويو جڏهن ته هڪ ڄڻو سخت زخمي ٿي پيو جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو اھڙو اطلاع پوليس کي ڏنو ويو پوليس واقعي واري هنڌ ديرسان پهتي پر نوجوان کي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو جتي پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو لاش گهر پهچڻ تي قعورام مچي ويو عيني شاهدن موجب، هٿياربند موٽر سائيڪل تي سوار هئا، جن رستن تي بيهي ڪري ايندڙ ويندڙ ماڻهن کان قيمتي سامان، موبائل فون ۽ نقد رقم ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ان دوران يار محمد مزاري پاران مزاحمت ڪرڻ تي هٿياربندن سڌي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن سبب هو ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو، جڏهن ته ڏوهاري فائرنگ کان پوءِ فرار ٿي ويا واردات کان پوءِ علائقي ۾ خوف ۽ ڏهڪاءُ جي لهر پکڙجي وئي مقامي رهواسين پاران پوليس جي نااهلي تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو ويو آهي. ماڻهن جو چوڻ آهي ته هٿياربند جي حوصلا افزائي ان ڪري ٿي رهي آهي جو انهن خلاف ڪا به سنجيده ڪارروائي نه ڪئي پئي وڃي. متاثر خاندان انصاف جو مطالبو ڪندي قاتلن جي فوري گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي ٻئي طرف پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي آخري اطلاعن تائين ملتوي واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي
