ڪراچي ۾ اختيارين ڪريڪ ڊائون ۾ تيزي آڻيندي 53 مان 52 غيرقانوني مال پڙين کي ختم ڪري 89 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. رپورٽ موجب گذريل ڏينهن شايع ٿيندڙ هڪ خبر جي جواب ۾ اختيارين ٻڌايو ته سڀني کان وڏو آپريشن ضلعي شرقي ۾ ڪيو ويو آهي، جتي قرباني جي جانورن جون 33 غيرقانوني منڊيون بند ڪيون ويون، انهن کي لڳائڻ ۽ هلائڻ جي الزام ۾ 68 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته شهر مان ٽوٽل 89 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته 40 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. اختيارين ٻڌايو ته ڪياماڙي ضلعي جي بلديه ٽائون جي حد يوسف ڳوٺ ۾ لڳايل هڪ غيرقانوني منڊي اڃان تائين جزوي طور تي فعال آهي ڇو ته عدالت حڪم امتناع جاري ڪري ڇڏيو آهي. ضلع وار تفصيل فراهم ڪندي اختيارين ٻڌايو ته ضلعي جنوبي ۾ 6، ڪورنگي ۽ سينٽرل ۾ 5.5، جڏهن ته ضلعي ڪياماڙي ۾ هڪ غيرقانوني مال پڙي کي ختم ڪيو ويو. هوڏانهن ذريعن جو چوڻ آهي ته اختيارين جي لاءِ سڀني کان وڏو چيلينج ننڍا واپاري آهن جيڪي شام کان پوءِ رهائشي علائقن جي گهٽين ۾ قربانين جي جانورن سان نمودار ٿيندا آهن. رپورٽ موجب شهر جي وڏي آبادي وارن علائقن ۾ غيرقانوني مال پڙين جي وڏي تعداد پنڌ هلندڙ رهواسين جي زندگي کي پريشانين ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي.
