35

“ڪنڌ ڪوٽ: رٽائرڊ پوليس اهلڪار پاران پٽن خلاف ملڪيت جي لالچ ۾ مارڻ جي الزام، زال ۽ پٽن جو الزامن کي ڪوڙو قرار ڏئي احتجاج”

اعواڻ محلا ڪنڌ ڪوٽ جي رهواسي پيرسن رٽائرڊ پوليس اهلڪار غلام رسول اعواڻ پنهنجي سڳن پٽن خلاف پريس ڪلب پهچي دانهيو ته مون کي پنهنجا نافرمان پٽ ملڪيت جي لالچ ۾ اچي مون کي مارڻ چاهن ٿا مون کي پنهنجي پٽن پوليس اهلڪار رضوان اعواڻ پرائمري استاد عرفان اعواڻ ۽ عمران اعواڻ مون کي مارڻ جي سازش ڪن ٿا مون پنهنجي پٽن کي ملڪيت ورهاست ڪري ڏني آهي پر ان باوجود به هو منهنجي حصي جي رهيل ملڪيت کي ڦٻائڻ خاطر مون کي موت جي ننڊ سمهارڻ چاهن ٿا. هن چيو ته مون اهڙي دانهن ايس ايس پي کي لکت ۾ ڏني ان کان سواء آء پٽن خلاف مقامي عدالت سڳوري جو به در کڙڪائيندس ٻئي طرف مڙس جي ظلم خلاف پيرسن عورت مسمات شھباز خاتون پنهنجي پٽن عرفان علي اعواڻ رضوان علي اعواڻ ٻين سميت پريس ڪلب اڳيان رٽائرڊ پوليس اهلڪار غلام رسول اعواڻ خلاف احتجاج ڪندي چيو آهي ته منهنجو مڙس مون کي ء منهنجي ننڍن ٻارن مٿان سخت تشدد ڪندو هو ء جيڪي ميڊيا آڏو بيان ڏنا آهن اهي سراسر ڪوڙ آهي عرفان علي اعواڻ رضوان اعواڻ جو چوڻ آهي ته منهنجي ميڊيا آڏو بيان ڏنو آهي ته منهنجي پٽ مون کي ماريندا اسين پنهنجي والد کي ڇو ماريندا سين جڏهن ته ملڪيت سڀ ڪجھ اسان جي والد وٽ موجود آهي اسان کي ان جو ڪجھ به نه کپي اسان چاهيون ٿا ته اسان کي پنهنجي گهر اندر سک سان رهڻ ڏنو وڃي اسان چيف سردار مير غلام عابد علي خان سندراڻي ايس ايس پي ڪشمور ء پنهنجي اعواڻ برادري کي اپيل ٿا ڪريون اسان سان انصاف ڪيو وڃي

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو