وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ايران پهچي ويو جتي هن حضرت امام رضا عليه اسلام جي روضي تي حاضري ڏني. مشهد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جو پرجوش استقبال ڪيو ويو، صوبي خراسان جي گورنر جنرل غلام حسين مظفري گهرو وزير محسن نقوي جي آجيان ڪئي. گهرو وزير محسن نقوي مشهد ۾ حضرت امام رضا عليه السلام جي روضي تي حاضري ڏني، مختلف حصا ڏٺا، نفل ادا ڪيا ۽ امام رضا عليه السلام جي روضي تي خصوصي دعا ڪئي. هن امن، سلامتي، ترقي، خوشحالي ۽ خطي ۾ استحڪام جي لاءِ به دعا ڪئي. محسن نقوي چيو ته ايراني حڪومت جو ٿورو ادا ڪريون ٿا ته انهن پاڪستاني زائرين لاءِ خصوصي انتظام ڪيا آهن، انشاءَالله پاڪستان ۽ ايران زائرين جي سهولتن لاءِ گڏجي وڌيڪ قدم کڻندا.
