54

حيدرآباد: لياقت ڪالوني ۾ گهريلو تڪرار تان مڇريل نوجوان جو ڀاءُ تي ڇُرين سان حملو، گهر کي باهه ڏئي ڇڏي

حيدرآباد جي علائقي لياقت ڪالوني ۾ گھريلو تڪرار تان مڇريل نوجوان پنھنجي ڀاء کي ڪٽڪو ڪڍي گھر کي باھ ڏئي ڇڏي، جوابدار پوليس ھٿان گرفتار. رپورٽ موجب لياقت ڪالوني ۾ رھندڙ راجا وسيم گھرو اڻبڻت تان مڇرجي سندس ڀاء فاروق کي تشدد جو نشانو بڻايو واقعي دوران شھري گڏ ٿي ويا پوليس جي پھچڻ تي ھن اھلڪارن تي به حملو ڪري ڏنو، جنھن جي نتيجي ۾ سخي پير ٿاڻي جو منڇي عرفان پڻ زخمي ٿي پيو، جوابدار گھر جي ٽي ماڙ تي چڙھي ڪمري ۾ باھ ڏئي ڇڏي، جنھن جي نتيجي ۾ فرنيچر، فرج، ڪپڙا ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو. اهڙي اطلاع تي ريسڪيو ٽيمن پھچي باھ تي ضابطو آندو، سخي پير پوليس جوابدار راجا وسيم کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آھي. انهي حوالي سان پوليس جو چوڻ آھي ته حيدرآباد جي لياقت ڪالوني واري علائقي ۾ گھريلو تڪرار تان ڀائرن جو پاڻ ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن دوران ھڪ ڀاء ٻئي ڀاء تي ڇرين سان حملو ڪري پنھنجي گھر کي باھه ڏئي ڇڏي آهي. پوليس موجب  لقمان نالي ھمراھه جي 9 پٽن جو گھر ۾ تڪرار ٿيو جنھن دوران راجا وسيم پنھنجي ڀاء مٿان ڇرين سان حملو ڪري پنھنجي گھر کي باھ ڏئي ڇڏي آھي. سخي پير تاڻي جي ايس ايڇ او غفار شاھ  موجب  شھري لقمان جا 9 پٽ آھن ڪمرن جي ورھاست تان خاندان ۾ تڪرار ھلندڙ ھو جنھنڪري واقعو پيش آيو.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو