50

فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ آذربائيجان جي دفاع واري وزير وچ ۾ ملاقات، دفاعي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق

فيلڊ مارشل عاصم منير آذربائيجان جي دوري دوران آذربائيجان جي دفاع واري وزير سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ علائقائي سلامتي ۽ ٻطرفي لاڳاپن جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير آذربائيجان جي دوري دوران آذري دفاع واري وزير ڪرنل جنرل حسين ذاڪر اصغر اوغلو سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ علائقائي، سلامتي جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. آءِ ايس پي آر موجب ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دفاعي تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط ٻطرفن لاڳاپن جي تعريف ڪئي ۽ آذربائيجان سان دفاعي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي ارادن تي به زور ڏنو.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو