موسميات کاتي اڄ سنڌ جي مختلف ضلعن جي ڪجهه شهرن ۾ کنوڻ سان هلڪي برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. موسميات موجب موجب ايندڙ 3 ڏينهن جي دوران ڪراچي جو موسم گرم ۽ وچولو رهڻ جو امڪان آهي، سڀاڻي ڪراچي ۾ معمول کان وڌيڪ تيز هوائون ۽ موسم انتهائي گرم ۽ خشڪ رهي سگهي ٿو. ڪراچي ۾ وڌ کان وڌ گرمي پد 41 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو، نمي جو تناسب وڌيڪ هجڻ سبب اصل گرمي پد کان وڌيڪ گرمي محسوس ڪري سگهجي ٿي. موسميات کاتي موجب گهوٽڪي، ڪشمور، شڪارپور جي ڪجهه هنڌن تي کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته خيرپور، حيدرآباد، ميرپورخاص، بدين ۽ ٿرپارڪر جي ضلعن ۾ اڄ هلڪي برسات پئجي سگهي ٿي. موسميات کاتي موجب صوبي جي مختلف شهرن ۾ تيز هوائن سان موسم گرم/وڌيڪ گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي.
