پاڪستاني زائرين جي لاءِ وڏي سهولت جو اعلان ڪيو ويو، جنهن موجب پاڪ ايران بارڊر 24 ڪلاڪ کولي رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. تهران ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ ايران جي گهر وزير اسڪندر مومني جي وچ ۾ هڪ اهم ۽ نتيجا ڏيندڙ ملاقات ٿي جنهن ۾ زائرين جي سهولتن ۾ اضافي، بارڊر مينجمينٽ ۽ سيڪيورٽي تعاون جي حوالي سان ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا ويا آهن. ملاقات جي دوران ٻنهي ملڪن اربعين ۽ محرم الحرام جي دوران زائرين جي لاءِ پاڪ ايران بارڊر 24 ڪلاڪ کولي رکڻ تي اتفاق ڪيو جيڪو لکين زائرين جي لاءِ هڪ وڏي سهوليت آهي. ايراني گهرو وزير اعلان ڪيو ته ايراني حڪومت 5 هزار پاڪستاني زائرين کي مشهد ۾ قيام ۽ طعام جون سهولتون ڏيندي جڏهن ته بارڊر کان عراق تائين زائرين جي لاءِ خصوصي انتظام به ڪيا ويندا. ٻنهي گهرو وزيرن زائرين جا مسئلا فوري حل ڪرڻ جي لاءِ هاٽ لائن جي قيام جو فيصلو به ڪيو ته جيئن گڏيل رابطا موثر ۽ تيز رفتار بنائي سگهن. اربعين کان اڳ مشهد ۾ پاڪستاني زائرين بابت هڪ ٽه ملڪي ڪانفرنس به گهرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو جنهن ۾ پاڪستان، ايران ۽ عراق جي گهرو وزارت جون اعليٰ اختياريون شريڪ ٿينديون. انهي ڪانفرنس جو مقصد زائرين جي سفري، سيڪيورٽي ۽ سهولتي معاملن تي گڏيل حڪمت عملي طئي ڪرڻ آهي. ملاقات ۾ زائرين جي اچ وڃ ۾ بهتري آڻڻ جي لاءِ اڏامن جو انگ وڌائڻ ۽ انهي تي جلد عمل ڪرائڻ جي لاءِ گڏيل لائحه عمل ترتيب ڏيڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. سامونڊي رستي تان زائرين کي ايران ۽ عراق اماڻڻ جي امڪانن تي به تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. محسن نقوي ۽ اسڪندر مومني جي ملاقات ۾ پاڪ ايران لاڳاپن کي هٿي، غيرقانوني اميگريشن، انساني اسمگلنگ ۽ منشيات جي روڪٿام جهڙن اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ٻنهي ملڪن بارڊر سيڪيورٽي مينجيمنٽ جي لاءِ ڪوآرڊينيشن کي بهتر بنائڻ ۽ گڏيل تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ايراني گهرو وزير چيو ته پاڪستان جي سيڪيورٽي انهي جي لاءِ اولين ترجيح آهي ۽ زائرين جي خدمت کي اسان پنهنجو مذهبي فرض سمجهون ٿا. ملاقات جي دوران هڪ ٻئي اهم معاملي تي ڳالهيون ٿيون جنهن ۾ اڻڄاڻائي طور تي پاڪستاني بحري جهاز حدن ۾ داخل ٿيندڙ ايراني ماهيگيرن جي آزادي جو معاملو به غور هيٺ آيو. ايراني گهرو وزير جي درخواست تي محسن نقوي انهي حوالي سان هر ممڪن تعاون جو يقين ڏياريو. محسن نقوي ايراني حڪومت طرفان زائرين کي سهولتون ڏيڻ تي ٿورو ادا ڪيو ۽ چيو ته هاٽ لائين جي قيام سان مسئلن کي فوري حل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ملاقات دوران ايران جو نائب گهرو وزير علي اڪبر پور جميشديان، ڊپٽي گهرو وزير نادر يار احمدي، صلاحڪار باديان، گورنر جنرل سيستان، بلوچستان منصورباجر، گهرو وزارت جي عالمي معاملن جو سربراهه ڪرنل جواهري به موجود هو. ملاقات ۾ پاڪستان طرفان ڊي جي ايف آءِ سميت لاڳاپيل اعليٰ آفيسر به شريڪ هئا.
