43

پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ تيز برسات، مختلف حادثن ۾ 6 ڄڻا فوت

پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي مختلف علائقن ۾ طوفاني برسات سبب مختلف حادثن ۾ 6 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ تيز طوفان سبب ڪيترن ئي هنڌن تي وڻ ۽ بجلي جا ٿنڀا ڪري پيا. هوڏانهن پشاور ۾ به تيز برسات پئي جنهن سبب وڻ ڪري پيا، سولر پينلز ۽ گاڏين کي به نقصان پهتو. اٽڪ ۾ تيز طوفان ۽ کنوڻ سان برسات رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته مظفر آباد ۾ ڪلائوڊ برسٽ سبب 3 ڄڻا فوت، ڪيترن ئي گهرن ۽ مسجدن کي نقصان پهتو. انهي کان علاوه لينڊ سلائيڊنگ سبب 8 هنڌن تي نيلم شاهراهه مختلف هنڌن تي بند ٿي وئي، ديامر، بابوسرٽاپ تي برفباري جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي. چلاس ۾ برسات ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب شاهراهه قراقرم ديامر ۽ لوئر ڪوهستان واري هنڌ تان بند آهي.  خيبرپختونخواهه جي مختلف شهرن ۾ ڳڙي سان برسات پئي جنهن جي نتيجي ۾ ندي نالن ۾ چاڙهه اچي وئي جڏهن ته ڪي پي ڪي ۾ مختلف حادثن ۾ 3 ڄڻا فوت ۽ 7 زخمي ٿي پيا. هوڏانهن پنجاب جي مختلف علائقن ۾ به  طوفان سان برسات رڪارڊ ڪئي وئي. ملتان ريلوي روڊ تي تيز هوائن سبب بجلي جا پول ڪري پيا، ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي، پراڻي شجاع آباد روڊ تي تيز طوفان سبب گهر جي

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو