مسلم ليگ(ن) جي سينيٽر عرفان صديقي چيو آهي ته تحريڪ انصاف وارا تحريڪ عدم اعتماد آڻيِن، اسان جا ته نه پر پي ٽي آءِ جا ماڻهو ضرور گهٽ ٿي ويندا. پنهنجي هڪ بيان ۾ سينيٽر عرفان صديقي پي ٽي آءِ کان سوال ڪندي چيو ته ڪجهه وٺو ۽ ڪجهه ڏيو جي معنيٰ جيڪڏهن ڊيل، سوديبازي ۽ اين آر او نه آهي ته ٻيو ڇا آهي؟ پي ٽي آءِ باني وٽ ڪنهن کي ڏيڻ جي لاءِ ڇا رهجي ويو آهي؟ هن چيو ته تحريڪ انصاف پهريان اهو طئي ڪري وٺي ته ڪهڙي ڳالهه ڪرڻي آهي؟ ڪنهن کي ڪرڻي آهي؟ ۽ ڪنهن سان ڪرڻي آهي؟ هي پهريان به ڳالهين کان ڀڄي ويا هئا. هن وڌيڪ چيو ته تحريڪ انصاف وارا تحريڪ عدم اعتماد آڻين، اسان جا ته نه پي ٽي آءِ جا ماڻهو ضرور گهٽ ٿي ويندا. ياد رهي ته گذريل ڏينهن عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان چيو هو ته اسان سان ويهي ڳالهيون ڪريو ۽ اسان کي ٻڌايو ته پي ٽي آءِ باني ڇا ڪري ۽ اوهان کي ڇا گهرجي جو اوهان انهي کي آزاد ڪندو. هن چيو ته پويان نه سامهون اچي ڳالهيون ڪريو، اسان ڳالهين لاءِ ويهنداسين، اسان تيار آهيون جيڪڏهن ڏي وٺ ڪرڻ چاهيو ٿا ته ٻڌائي ڇڏيو اسان کي ٻڌايو ته پي ٽي آءِ باني ڇا ڪري ۽ اوهان کي ڇا گهرجي.
