ڪنڌڪوٽ ڊر؛ ڪنڌڪوٽ ۾ وڌندڙ بدامني ۽ سومرا برادري جي معزز ڪاروبار شخصيت ڪاونسلر خان محمد سومرو کان ڀتو گھرڻ بعد آرا مشين تي فائرنگ ڪرڻ واري عمل خلاف سومرا برادري پاران ڪٺ گھرايو ويو جنھن ۾ سومرا برادري جي ماڻھن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي انھي موقعي تي انجنيئر منظور احمد سومرو، خان محمد سومرو، ڊاڪٽر حضوربخش سومرو، عبدالرشيد سومرو، مسعود عالم سومرو، عبدالعزيز سومرو سميت ٻين چيو ته ڪنڌڪوٽ شھر سميت ضلعي ۾ ڀتاخوري عروج تي آھي ڪاروباري معزز شخصيتن کي ڏوھاري سري عام ڀتي لاءِ ڪالون ڪري ڀتو طلب ڪن ٿا نه ڏيڻ جي صورت ۾ موتمار ڌمڪيون ڏيئي گھرن ۽ ڪاروباري ھنڌن تي فائرنگ ڪري وڃن ٿا جنھن ڪري ڪاروباري ماڻھون خوف واري زندگي گذاري رھيا آهن پوليس انھي معاملي تي مڪمل خاموش تماشائي وارو ڪردار ادا ڪري رھي آهي پوليس جي نااھلي سبب ڏوھاري سري عام شھر ۾ اچي ڀتو وصول ڪن ٿا اسين چونڊيل نمائندن ۽ اعليٰ اختيارن کان مطالبو ڪيون ٿا ته ڀتي خورن ۽ ڏوھارين خلاف ڪارروائي ڪري ڪنڌڪوٽ شھر جي ڪاروباري ماڻھن کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي ڪٺ ۾ سومرا ڀرادي پاران فيصول ڪيو ويو ته پنھنجي تحفظ لاءِ لائينسس وارا ھٿيار وٺي پنھنجو تحفظ ڪيو ويندو،
