43

امارات ۾ پاڪستاني سفارتخاني ماهره خان ۽ همايون سعيد کي ايوارڊ سان نوازي ڇڏيو

شوبز انڊسٽري ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏيڻ تي متحده عرب امارات(يو اي اي) ۾ موجود پاڪستاني سفارتي مشن اداڪاره ماهره خان ۽ همايون سعيد کي خصوصي ايوارڊ سان نوازي ڇڏيو. ماهره خان ۽ همايون سعيد هن وقت پنهنجي نئين ايندڙ فلم(لو گُرو) جي عالمي پروموشن ۾ مصروف آهن انهي سلسلي ۾ هو يو اي اي به پهتا. فلم پروموشن جي دوران ئي يو اي اي ۾  موجود پاڪستاني سفارتخاني ٻنهي اداڪارن جي اعزاز ۾ تقريب منعقد ڪئي، انهي دوران ٻنهي کي اعزازي ايوارڊ به پيش ڪيا ويا. ماهره خان انسٽاگرام تي پنهنجي اعزاز ۾ سفارتخاني طرفان ڏنل دعوت جون تصويرون شيئر ڪندي پاڪستاني سفارتخاني جو به ٿورو ادا ڪيو. تقريب جي دوران يو اي اي ۾ موجود پاڪستاني سفارتي مشن جي ٻئي عملي جي ميمبرن سميت معزز شخصيتن به شرڪت ڪئي. تقريب جي دوران پاڪستان ۾ يو اي اي جي سفير فيصل نياز ترمذي ٻنهي اداڪارن کي اعزازي شيلڊون به پيش ڪيون.تقريب کي خطاب دوران پاڪستاني سفير ٻنهي اداڪارن جي خدمتن جي تعريف ڪندي چيو ته ٻنهي اداڪارن نه صرف ٽيليويزن پر سئنيما انڊسٽري جي بحالي لاءِ به بهترين ڪردار ادا ڪيو. تقريب دوران سفارتي عملي ۽ ٻين شخصيتن اداڪارن سان تصويرون ۽ وڊيوز به ٺهرايون. ماهره خان ۽ همايون سعيد متحده عرب امارات کان اڳ آمريڪا ۽ برطانيه ۾ به فلم پروموشن جي ڪيترين ئي تقريبن ۾ شرڪت ڪئي جتي انهن جون وڊيوز ۽ تصويرون وائرل ٿيون هيون. ٻنهي جي فلم(لو گُرو) عيدالاضحيٰ تي رليز ٿيندي انهن جي فلم جو مقابلو فيصل قريشي ۽ سونيا حسين جي هارر فلم(ديمڪ) سان هوندو.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو