45

راولاڪوٽ ۾ پوليس جو آپريشن، 4 دهشتگرد مارجي ويا، 2 اهلڪار شهيد

 آزاد ڪشمير جي شهر راولاڪوٽ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، 2 اهلڪار شهيد جڏهن ته 20 زخمي ٿي پيا.پوليس موجب قانون لاڳو ڪندڙ ادارن آزاد ڪشمير جي ضلعي راولاڪوٽ جي علائقي حسن ڪوٽ ۾ آپريشن ڪيو ويو، پوليس ٻڌايو ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا. پوليس موجب دهشتگردن جي فائرنگ ۽ دستي بم حملي ۾ 2 پوليس اهلڪار شهيد ۽ 20 زخمي ٿي پيا. ايس ايس پي راولاڪوٽ رياض مغل صحافين کي  بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته مارجي ويل چارئي دهشتگرد قتل جي ڪيسز ۾ گهربل هئا، آپريشن جي دوران 2 پوليس اهلڪار شهيد ۽ 20 زخمي ٿي پيا. ايس ايس پي موجب دهشتگردن حسين ڪوٽ ۾ جهنگ جي غار ۾ پناهه ورتي هئي، اطلاع هئي ته جوابدار آزاد ڪشمير ۾ دهشتگردي جي منصوبه بندي ڪري رهيا هئا.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو