49

عمران خان چيو آهي اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين جا دروازا کليل آهن، پاڪستان لاءِ ڪجهه وٺو، ڪجهه ڏيو لاءِ تيار آهيان: علي ظفر

 پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) جي سينئر اڳواڻ سينيٽر علي ظفر چيو آهي ته عمران خان چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين جي لاءِ منهنجا دروازا کليل آهن، مان پاڪستان جي خاطر ڪجهه ڏيو ۽ ڪجهه وٺو جي لاءِ تيار آهيان، پنهنجي لاءِ ڪابه رعايت نه گهري رهيو آهيان. اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ باني سان ملاقات کان پوءِ روانگي جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي سينيٽر علي ظفر چيو ته عمران خان چيو آهي ته اهو پاڪستان ۾ اتحاد جي خاطر ڪنهن به وقت ڳالهين جي لاءِ تيار آهيان، مان صرف انصاف چاهيان ٿو ۽ پنهنجي ڪيسز جي جلد کان جلد شنوائي چاهيان ٿو. سينيٽر علي ظفر موجب پي ٽي آءِ باني چيو آهي ته احتجاجي تحريڪ جو اعلان ٿي چڪو آهي. 5-6 ڏينهن ۾ لائحه عمل ڏينداسين. سينئر وڪيل موجب عليمه خان جي ڪجهه وٺو ڪجهه ڏيو جي بيان تي باني چيو آهي ته مان پاڪستان جي خاطر ڪجهه وٺو ۽ ڪجهه ڏيو جي لاءِ تيار آهيان پر پنهنجي لاءِ ڪابه رعايت نه گهري رهيو آهيان، رعايت گهرڻي هجي ها ته اڳ ئي گهري چڪو هجان ها. سينيٽر علي ظفر موجب عمران خان هدايت ڪئي آهي ته پارٽي اڳواڻ تحريڪ جي لاءِ تيار ٿي وڃن، جيڪڏهن هاڻ ڪوبه سامهون نه آيو ته اهو برداشت نه ڪنداسين، ڪنهن کي به وڪيٽ جي ٻنهي طرفن کان کيڏڻ جي اجازت نه ڏينداسين. هوڏانهن پي ٽي آءِ باني عمران خان عاليه حمزه کي پنجاب ۾ سياسي ڪميٽي جو سربراهه مقرر ڪندي سياسي ڪميٽي جو نوٽيفڪيشن ٻيهر جاري ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. باني پي ٽي آءِ عمران خان سينيٽر علي ظفر جي ذريعي پارٽي اڳواڻن کي پيغام اماڻيو سياسي ڪميٽي ۾ سلمان اڪرم راجه، عمر ايوب، احمد خان بچهر ۽ عثمان اڪرم شامل هئا. پارٽي اڳواڻن عمران خان کي عاليه حمزه جي مٿان ٺاهيل ڪميٽي کان به آگاهه ڪيو جنهن تي هن پنجاب ۾ ٺاهيل ڪميٽي تي سخت خدشن جو اظهار ڪيو. عمران خان علي ظفر کي هدايت ڪئي آهي ته عاليمه حمزه کي ڪميٽي جو سربراهه مقرر ڪيو وڃي. جڏهن ته سينيٽر علي ظفر کي ذميواري ڏني آهي ته اهو فردوس شميم نقوي کي انهي فيصلي کان آگاهه ڪري.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو