36

“غوثپور ڀرسان جعفري برادري جا گهر ساڙيا ويا، ڀتو نه ڏيڻ تي حملو، متاثرن جو پريس ڪلب آڏو احتجاج”

غوثپور ڀرسان ڪرمپور ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ امان الله ميراڻي ۾ ميراڻي برادري جي مبينه ڏوھارين پاران ڀتو نه ڏيڻ تان جعفري برادري جي گھرن کي باھ ڏيڻ واري عمل خلاف جعفري برادري جي ماڻھن جو مئن پريس ڪلب پھچي سخت احتجاج ڪيو ويو۔ متاثرن علي حسن جعفري، عبدالجبار، الاھي بخش ۽ موج علي جعفري دانھيندي چيو ته رات دير سان ميراڻي برادري جي مبينه ڏوھارين پاران اسانکان ڀتو نه ڏيڻ تي اسانجي گھرن کي باھ ڏيئي فائيرنگ ڪندا فرار ٿي ويا۔ باھ لڳڻ سبب اسانجي گھرن ۾ پيل قيمتي سامان، نياڻين جو ڏاج، ھنڌ، بسترا، گھر جو سامان ۽ روڪ پئسه سڙي رک ٿي ويا ۽ ھڪ معصوم نينگر جي ٻانھن ڀڄي پيئي۔ متاثرن دانھيندي چيو ته ڪرمپور پوليس وٽ شڪايت درج ڪرائي آھي پر ڪوبه کڙ تيل ناھي نڪتو ؤ اسان کليل آسمان ھيٺ ويٺا آھيون۔ ھنن ڊي آ۽ جي لاڙڪاڻي کي اپيل ڪئي ته اسانجي واقعي ۾ ملوث ڏوھارين کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻي اسان سان انصاف ڪيو وڃي نه ته سخت احتجاج ڪيو ويندو۔

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو