موسميات کاتي ڪراچي ۾ اڄ کان گرمي جي شدت ۾ وڌيڪ واڌ جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. موسميات کاتي موجب اڄ ۽ سڀاڻي سامونڊي هوائون جزوي طور تي معطل رهنديون انهي دوران ڏکڻ طرف گرم ه وائون لڳي سگهن ٿيون. انهي کان علاوه سڀاڻي هوائون 35 کان 40 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان لڳي سگهن ٿيون، گرم هوائن سبب لو محسوس ٿيندي. موسميات کاتي موجب اڄ ۽ سڀاڻي وڌ کان وڌ گرمي پد 39 ۽ 41 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو جڏهن ته جمعي کان گرمي پد ۾ ڪجهه گهٽتائي جو امڪان آهي. موسميات کاتي وڌيڪ ٻڌايو ته مئي گرم ترين مهينن ۾ شمار ٿيندو آهي، موسميات کاتي ٻڌايو ته 24 ڪلاڪن دوران شهر جو گهٽ کان گهٽ گرمي پد 29.8 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ٿيو هوا ۾ نمي جو تناسب 78 سيڪڙو آهي ۽ سامونڊي هوائون 3 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي رهيون آهن.
