وفاقي سرڪار طرفان سالياني بجيٽ پيش ڪرڻ جي تاريخ ۾ وڌيڪ هيٺ مٿانهين جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. ذريعن ٻڌايو آهي ته عيدالاضحيٰ جي ڪري 7 ۽ 8 جون تي عام موڪل هوندي، عيد جي ٽئين ڏينهن 9 جون تي ورڪنگ ڊي جو اعلان ڪرڻو پوندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته عيد جي ٽئين ڏينهن 9 جون تي قومي اقتصادي ڪونسل ۽ اڪنامڪ سروي جاري ڪرائڻ جو شيڊول طئي آهي، هڪ ئي ڏينهن اين اي سي ۽ اڪنامڪ سروي جاري ڪرڻ ممڪن نه هوندو. ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب اين اي سي جي اجلاس ۾ چئني صوبن ۽ گلگت بلتستان جا وڏا وزير شريڪ ٿيندا. قومي اقتصادي ڪونسل جي اجلاس ۾ آزاد ڪشمير جو وزيراعظم شريڪ ٿيندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته قومي اقتصادي ڪونسل جي اجلاس ۾ ترقياتي پروگرام کي حتمي شڪل ڏني ويندي آهي، قومي اقتصادي ڪونسل جو اجلاس سڄو ڏينهن جاري رهندو آهي. ذريعن ٻڌايو آهي ته قومي اقتصادي ڪونسل جو اجلاس ۽ بجيٽ پيش ڪرڻ دوران روايتي طور تي 2 ڏينهن جو وقفو رکيو ويندو آهي. حڪومت وفاقي بجيٽ پيش ڪرڻ جي تاريخ ۾ ٻن ڏينهن جي واڌ ڪري سگهي ٿي.
